ريجھو مل لاهوري

ريجھو مل لاهوري: سماجي ڪارڪن ريجھو مل لاهوريءَ، 1893ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ڪندن داس لاهوريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ سان ڏاڍو چاهه هو، ايم. اي، ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ان وقت لاڙڪاڻي جو هي پهريون شخص هو، جيڪو ايـتـرو گھـڻـو پڙهيو هو. منجھس نمرتار، نوڙت ۽ سادگي هوندي هئي. دادا ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شخصيت جو مٿس وڏو اثر هو، ان ڪري هڙان وڙان غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو هو. هڪ ڀيرو کيس سنڌ ڪانگريس جو چيئرمئن پڻ چونڊيو ويو. 1929ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا پئي ته شهرين لڏپلاڻ ڪئي، مگر ريجھو مل لڏڻ بجاءِ شهرين جي خدمت ڪندو رهيو. سندس دوستن کيس گھڻو ئي سمجھايو ته جان جوکي ۾ نه وجھه، پر چيائين ته ميدان ڇڏي نه مربو. نيٺ خود به ڪالرا جو شڪار ٿيو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ 12 آگسٽ 1929ع تي وفات ڪيائين.
سندس خدمتن کي ڏسندي لاڙڪاڻي ميونسپل پاران شهر جي چؤڪ تي سندس مجسمو لڳرايو ويو. سندس اهو مجسمو ڪيترو وقت يادگار طور لڳل رهيو، پر پاڪستان ٺهڻ بعد اهو مجسمو ڪن متعصب ماڻهن ڀڃي ڇڏيو. بعد ۾ ميونسپل انتظاميا اهو مجسمو لاهي پنهنجي تحويل ۾ رکيو، جيڪو 1975ع تائين سلامت هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو